ريجھارام لائبريري

ريجھارام لائبريري: هيءَ لائبريري سيٺ ريجھارام جي نالي تي جيڪب آباد ۾ قائم ڪئي وئي هئي. 1904ع ۾ سيٺ ريجھارام هڪ هزار روپيه ۽ جيڪب آباد جي هندو پنچائت 1700 روپيا لائبريريءَ جي ڪتابن وغيره جي خريداريءَ لاءِ وقف ڪندي جيڪب آباد شهر ۾ هن لائبريريءَ جو قيام عمل ۾ آندو. جيڪب آباد ۾ 1914ع تائين ڪئنٽونيمنٽ هئي ۽ ان جي زير نگراني هڪ سرڪاري لائبريري به قائم ٿيل هئي. ڪئنٽونمينٽ ختم ٿيڻ ڪري اها انگريزن جي لائبريري بند ڪئي وئي ۽ ان جا ڪتاب به ريجھارام لائبريريءَ ڏانهن منتقل ڪيا ويا. 1964ع ۾ لائبريري کي پراڻي ميونسپل بلڊنگ ڏانهن منتقل ڪيو ويو ۽ لائبريري جي هنڌ تي نئون شروع ڪيل انٽرميڊئيٽ ڪاليج هلايو ويو. ڪجھه وقت تائين اها لائبريري ميونسپل لائبريريءَ جي نالي سان قائم رهي. بعد ۾ 1968ع ۾ انهيءَ لائبريريءَ تي سنڌ جي عوامي شاعر عبدالڪريم گدائيءَ جو نالو رکيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو